لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ خلع ۽ حق مَهر سان لاڳاپيل هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قانوني اصول واضح ڪري ڇڏيا آهن.
جسٽس مرزا وقاص رؤف 9 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪندي چيو آهي ته رخصتي نه ٿيڻ يا زال مڙس جي گڏ نه رهڻ باوجود به عورت حق مَهر جي مڪمل حقدار هوندي آهي، ۽ رڳو ازدواجي تعلق قائم نه ٿيڻ سان مَهر جو حق ختم نٿو ٿئي.
عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن نڪاح نامي ۾ مَهر جي ادائيگي جو وقت مقرر نه هجي ته پورو مَهر فوري طور ادا ڪرڻ لازمي آهي، ۽ اهڙي حالت ۾ ان کي ملتوي ٿيل مَهر نه سمجهيو ويندو.
فيصلي موجب نڪاح نامي ۾ درج 10 توله سون، هڪ ڪنال زمين ۽ گهر کي فوري ادائيگي وارو مَهر تصور ڪيو ويندو.
عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته جيڪڏهن عورت خلع جي بنياد تي شادي ختم ڪرڻ چاهي ته کيس مَهر جو 25 سيڪڙو حصو مڙس کي واپس ڪرڻو پوندو، ۽ خلع ان ئي صورت ۾ فوري طور اثرائتو ٿيندو.
لاهور هاءِ ڪورٽ ماتحت عدالتن جا فيصلا رد ڪندي درخواستگذار اذڪا آفرين جي درخواست منظور ڪري حق مَهر بابت قانوني نڪتا واضح ڪري ڇڏيا.


