شڪارپور ۾ ٻن ڌرين ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

1 Min Read

شڪارپور(عتيق دڪڙ)  جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ معرفاڻي ۽ چانڊيا ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو. مبينا طور مال ڦر ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

شڪارپور جي جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ معرفاڻي ۽ چانڊيا ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار دوران مبينا طور معرفاڻي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ ڪرم علي چانڊيو تي چڙهائي ڪري مال چاريندڙ ڌنارن کان لڳ ڀڳ 40  مينهون ڦر ڪري ورتيون.

ذريعن موجب، چوپايو مال ڦر ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ فداحسين پٽ رجب علي چانڊيو مارجي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

واقعي کانپوءِ به ٻنهي ڌرين وچ ۾ فائرنگ جو سلسلو جاري رهڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي، جڏهن ته رهواسين پاڻ کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو.

علائقي واسين الزام هنيو ته اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Share This Article
Leave a Comment