محمد نواز پاران ڊوپنگ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو اعتراف، عارضي معطلي ختم

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  پاڪستاني آل رائونڊر محمد نواز آءِ سي سي اينٽي ڊوپنگ ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪندي بحالي (ري هيب) پروگرام ۾ شرڪت تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (ICC) سندس عارضي معطلي ختم ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي موجب 32 ورهين جي محمد نواز جو ڊوپ ٽيسٽ 7 فيبروري 2026 تي سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ نيدرلينڊز خلاف آءِ سي سي ٽي20 ورلڊ ڪپ ميچ کانپوءِ ورتو ويو هو، جنهن ۾ سندس نموني ۾ ممنوعه مادو مليو.

آءِ سي سي اينٽي ڊوپنگ ڪوڊ تحت 7 فيبروري کان 1 مئي 2026 تائين محمد نواز جون سموريون ميچ ڪارڪردگيون ۽ رڪارڊ به نااهل (ڊس ڪواليفائيڊ) قرار ڏنا ويا آهن.

محمد نواز اعتراف ڪيو ته ممنوعه مادو راند کان ٻاهر استعمال ٿيو هو ۽ ان جو ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ سان ڪو به تعلق نه هو.

آءِ سي سي کيس ٽن مهينن لاءِ نااهل قرار ڏنو، جڏهن ته اها سزا 1 مئي 2026 کان لاڳو سمجهي وئي، ڇو ته ان ڏينهن هن رضاڪاراڻي طور عارضي معطلي اختيار ڪئي هئي.

آءِ سي سي موجب جيڪڏهن محمد نواز بحالي وارو پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪندو ته سندس نااهلي ٽن مهينن بدران صرف هڪ مهينو تصور ڪئي ويندي. بحالي پروگرام ۾ شرڪت جي رضامندي کانپوءِ ڍائي مهينن جي معطلي مڪمل ٿيڻ تي سندس عارضي پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment