سنڌ ۾ سولر سسٽم ڪنهن کي ملندو؟ وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اهم فيصلو

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ سولر هوم سسٽم  ڪِٽن جي ورڇ ۽ انسٽاليشن جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، جيئن گهٽ آمدني وارن خاندانن کي صاف، سستي ۽ پائيدار توانائي فراهم ڪري سگهجي.

وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران 18 ارب 20 ڪروڙ 60 لک رپين جي لاڳت واري منصوبي جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي شروع ڪيل هن منصوبي تحت سنڌ جي 2 لک 75 هزار مستحق خاندانن کي مفت شمسي توانائي فراهم ڪئي ويندي.

منصوبي تحت هر خاندان کي 180 واٽ جو سولر پينل، 30 ايمپيئر آور ليٿيم بيٽري، چارج ڪنٽرولر، موبائل چارجنگ سهولت، 25 واٽ جو ڊي سي پنکو ۽ 5 واٽ جون ٽي ايل اي ڊي بتيون فراهم ڪيون پيون وڃن.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيل تائين 15 هزار کان وڌيڪ سولر هوم سسٽم ڪِٽون سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ورهايون ۽ نصب ڪيون ويون آهن. منصوبو اپريل 2025 ۾ شروع ٿيو، جيڪو جون 2027 تائين مڪمل ڪيو ويندو.

15 هزار کان وڌيڪ سولر ڪِٽون نصب

آن گرڊ حصي تحت اهي بجلي صارف شامل آهن جيڪي هر مهيني 0 کان 100 يونٽ بجلي استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته آف گرڊ حصي ۾ ڏورانهن، ريگستاني، جبلائي ۽ ڪچي وارن علائقن جا غريب خاندان شامل آهن. بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ۽ غربت جو اسڪور 0 کان 20 رکندڙ خاندانن کي ترجيح ڏني پئي وڃي.

ڪنهن کي ملندو سولر سسٽم؟

وڏي وزير زور ڀريو ته سولر ڪِٽن جي ورڇ شفاف، منصفاڻي ۽ مؤثر انداز ۾ ڪئي وڃي، جيئن فائدو حقيقي مستحقن تائين پهچي. هن چيو ته هي منصوبو رڳو بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ نه، پر غربت گهٽائڻ، مالي بار گهٽ ڪرڻ ۽ ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ اهم قدم آهي.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سولر سسٽم سان مٽي جي تيل، ميڻ بتي ۽ بيٽرين جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، صحت تي مثبت اثر پوندا، جڏهن ته خاص طور عورتن ۽ شاگردياڻين کي تعليم ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا ملندا.

Share This Article
Leave a Comment