Focus with Zardari

ملير: واپاري خلاف 3 لک 40 هزار رپين جي ڦرلٽ جو ڪيس، گرفتاري تي علائقي واسين جو احتجاج

1 Min Read

ملير (رپورٽر) عبدالله ڳوٺ جي واپاري عبدالرحمان خلاف شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي 3 لک 40 هزار رپين جي ڦرلٽ جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪري لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو آهي.

واپاري خلاف ڪيس داخل ٿيڻ تي علائقي واسين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته هڪ شريف شهري ۽ واپاري خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سندن چوڻ هو ته عبدالرحمان جو خاندان ڊگهي عرصي کان ڪاروبار ڪري رهيو آهي.

علائقي واسين مطالبو ڪيو ته واپاري خلاف داخل ڪيل ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي. هنن پوليس جي ڪارروائي تي سوال اٿاريندي مطالبو ڪيو ته معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment