اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد: پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس خيبرپختونخوا ۾ ٻن مهينن لاءِ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو ، جنهن دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪندي مخالفت ڪئي.
اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل گڏيل اجلاس ۾ صدر پاران ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ بابت اعلان پيش ڪيا ويا. وفاقي وزير پارلياماني معاملن ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي.
قرارداد جي حق ۾ 214 ميمبرن ووٽ ڏنا، جڏهن ته 56 ميمبرن مخالفت ڪئي. منظوري دوران اپوزيشن ميمبرن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ قرارداد جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئيني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال بابت خدشا آهن ۽ دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن.
ٻئي پاسي، اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي، بيرسٽر گوهر ۽ سينيٽر علي ظفر سميت ٻين اڳواڻن گورنر راڄ جي آئيني حيثيت تي سوال اٿاريا. سندن موقف هو ته حڪومت گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر ڏانهن موڪليل رپورٽ ۽ ان جي آئيني بنيادن بابت وضاحت ڏئي.
اپوزيشن اڳواڻن چيو ته مسئلن جو حل ڳالهين، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ صوبن جي آئيني حقن جي احترام ۾ آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن دهشتگرديءَ جي سرپرستيءَ وارن الزامن کي رد ڪندي گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي جي فيصلي کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
اجلاس دوران وفاقي وزير داخلا محسن نقوي ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار حڪومت جو موقف پيش ڪندي چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن ۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
گڏيل اجلاس ۾ پشاور جي هڪ اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارن ۽ استادن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار پڻ ڪيو ويو ۽ فوت ٿيلن لاءِ دعا ڪئي وئي.
قرارداد جي منظوري کان پوءِ اپوزيشن ميمبرن اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج جاري رکيو، جنهن بعد پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس غيرمعينه مدت تائين ملتوي ڪيو ويو.


