ملير (رپورٽر) گھگھر ڦاٽڪ قادر نگر بلاڪ 6 ۾ 25 ورهين جي عورت مبينا طور تي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
پوليس موجب فوتي عورت جي سڃاڻپ بختاور زال رسول بخش مگسي طور ٿي آهي. اطلاع ملڻ تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو گهريلو اڻبڻت سبب پيش اچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان پسٽل پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


