Focus with Zardari

نوشهروفيروز: سولنگي برادري جو مائٽن خلاف احتجاج، قرآن پاڪ کڻي انصاف جو مطالبو

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) طالب سولنگي جي رهواسي سولنگي برادري جي عورتن ۽ مردن مائٽن تي مبينا تشدد ۽ گهر ۾ داخل ٿيڻ خلاف نيشنل پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن محمد راشد سولنگي، نيلم سولنگي ۽ ٻين الزام لڳايو ته علي نواز عرف کوسو سولنگي، بخشل ۽ صيفل سولنگي مبينا طور رات جو گهر ۾ داخل ٿيا، جتي مرد گهر ۾ موجود نه هئا. نيلم سولنگي دعويٰ ڪئي ته جوابدارن مبينا طور پسٽل ڏيکاري کيس ڌمڪيون ڏنيون.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته واقعي دوران عورتن ۽ ٻارن جي رڙين تي پاڙيسري پهچي ويا، جڏهن ته هڪ عورت کي مبينا طور ڏنڊو هڻي زخمي ڪيو ويو. هنن چيو ته پوليس وٽ اين سي داخل ڪرائڻ باوجود کين انصاف نه مليو.

سولنگي برادري آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪري جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment