ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، جڏهن ته مسجدن، عمارتن، گهٽين ۽ چوڪن کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي.
ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ محفل ميلاد، نعت خواني ۽ ريليون جاري آهن.
ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي برقي بتيون لڳايون ويون آهن ۽ عمارتن کي سينگاريو ويو آهي.
ڪراچي جو مرڪزي جلوس اڄ منجهند 2:30 وڳي شهيد مسجد کارادر مان نڪرندو ۽ نيو ميمڻ مسجد کان ٿيندو گلزار حبيب مسجد پهچندو.
لاهور ۾ مرڪزي جلوس ريلوي اسٽيشن چوڪ کان نڪرندو، جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ مرڪزي اجتماع باچا خان چوڪ تي ٿيندو.
ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون پيون وڃن.
عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ اڄ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.


