اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سينيٽ اجلاس دوران جمعيت علماءِ اسلام (ف) تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن لاءِ رياست ان وقت تائين ماءُ هوندي آهي، جيستائين کين ان مان فائدو ملندو رهي، پر حڪومت ۾ حصو نه ملڻ تي اهي رياست خلاف ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا.
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي محسن نقوي چيو ته مولانا فضل الرحمان ڪالهه چيو هو ته هو رياست تي ٿڪن ٿا، اهڙيون ڳالهيون ڪنهن به سياستدان کي نٿيون سونهن. هن چيو ته هو ذاتي طور مولانا فضل الرحمان جو احترام ڪندو هو، پر اهڙي بيان کانپوءِ احترام جي گنجائش نه ڇڏي وئي آهي.
وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته پاڪستاني وفد جو ايران جو دورو ڪنهن دفاعي معاهدي جي سلسلي ۾ نه هو، جيئن مولانا فضل الرحمان دعويٰ ڪئي هئي، پر موجوده بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ هو تهران ويو هو. سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي مرضيءَ سان نه، پر وزيراعظم پاران ڏنل ذميواري تحت ايران ويندو رهيو آهي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته هاڻي ڪجهه ماڻهن کي رياست طرفان نه نوڪري ملندي ۽ نه ئي پئسا. ان موقعي تي جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي احتجاج تي گهرو وزير چيو ته کيس سندس ڳالهه ٻڌڻي پوندي.
هن الزام لڳايو ته ڪجهه ماڻهو اسلام کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ هر ان معاملي ۾ مذهب کي اڳيان آڻين ٿا، جنهن مان کين ذاتي فائدو حاصل ٿئي. محسن نقوي دعويٰ ڪئي ته اهي ئي ماڻهو اڳ حڪومت کان گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪندا هئا ته جيئن کين مسئلن مان ڇوٽڪارو ملي سگهي.