Focus with Zardari

مير رضا ڪيس: جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ جاري، جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش

8 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) مير رضا علي ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليس جي جاچ دوران سنگين خامين، ناقص نگراني ۽ پيشوراڻي غفلت جي نشاندهي ڪندي ذميوار اهلڪارن خلاف کاتي اندر توڙي فوجداري ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ڪيس جي ٻيهر جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ جي به سفارش ڪئي وئي آهي.

جوڊيشل ڪميشن 15 آڪٽوبر تي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي پيش ڪئي هئي. رپورٽ موجب، اهم شاهدين جي متاثر ٿيڻ سبب ڪيس جي شفاف ۽ سخت جاچ ضروري آهي، جڏهن ته شروعاتي مرحلن ۾ ممڪن طور شاهدين لڪائڻ واري پهلو کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ڪميشن پوليس پاران بروقت معلومات فراهم نه ڪرڻ کي عوامي شڪ شبهن ۾ واڌ جو سبب پڻ قرار ڏنو.

رپورٽ ۾ پوليس جي شروعاتي موقف تي سوال اٿاريا ويا آهن، جنهن ۾ مير رضا جي موت کي خودڪشي قرار ڏنو ويو هو. ڪميشن موجب، حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جو سبب پٺيءَ کان لڳل گوليءَ جو زخم ڄاڻايو ويو، جيڪو پوليس جي شروعاتي موقف ۽ طبي شاهدين وچ ۾ تضاد ظاهر ڪري ٿو.

رپورٽ ۾ ڊاڪٽر اسامه شيخ جي ٻي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ پهرين رپورٽ جي مشاهدن ۾ اختلافن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر اسامه جي ڪردار ۽ جاچ جي طريقيڪار تي سوال اٿاريندي ڪميشن سندس طبي ذميوارين بابت وڌيڪ جاچ جي ضرورت ظاهر ڪئي.

- Advertisement -

رپورٽ موجب، ڊاڪٽر اسامه 9 آگسٽ تي وڏي وزير هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي درخواست تي شرڪت ڪئي هئي. اجلاس دوران مٿس دٻاءُ وجهڻ بابت تاثر سامهون آيا، پر رپورٽ ۾ چيو ويو ته ان دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو ثبوت سامهون نه آيو. ڪميشن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير کي اهم ڪيس بابت پوليس جي سينيئر آفيسرن کان بريفنگ وٺڻ جو اختيار آهي، پر شفافيت لاءِ پوليس سرجن کي به اجلاس ۾ گهرائڻ گهرجي ها.

رپورٽ ۾ ڊاڪٽر اسامه جي رويي کي غيرپختو ۽ ٻاراڻو قرار ڏيندي سندس طبي پيشي سان لاڳاپيل طرزعمل تي تنقيد ڪئي وئي آهي. ڪميشن سفارش ڪئي ته ميڊيڪو ليگل ذميواريون ڏيڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن جي سخت علمي ۽ عملي تربيت لازمي ڪئي وڃي. رپورٽ ۾ ڊاڪٽر اسامه جي ممڪن طور ڪنهن جي اثر هيٺ اچڻ واري خدشي جي به مڪمل جاچ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

سي سي ٽي وي ۽ ڊجيٽل شاهدين کي محفوظ رکڻ ۾ غفلت

جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڪيس جي اهم ڊجيٽل شاهدين کي محفوظ ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ به سنگين خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب، پوليس ڪيترن ئي هنڌن جي سي سي ٽي وي رڪارڊنگ اصل ڊي وي آر مان حاصل ڪرڻ بدران موبائل فون ذريعي رڪارڊ ڪئي.

مير رضا جي موبائل فون جي تحويل ۽ فارنزڪ جاچ، شاهدين جي وصولي ۽ منتقليءَ جو مڪمل رڪارڊ نه هجڻ ۽ ايپل واچ کي محفوظ رکڻ ۾ ٿيل ڪوتاهيءَ تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن. ڪميشن موجب، ايپل واچ جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي.

- Advertisement -

رپورٽ ۾ پوليس پاران ڊجيٽل شاهدين کي ميڊيا تائين پهچائڻ تي به اعتراض ڪيو ويو آهي. ڪميشن چيو ته مڪمل جاچ کان اڳ پوليس جا نتيجا ميڊيا تي جاري ڪرڻ پيشوراڻي معيارن جي خلاف هو.

بليڪ ميلنگ يا انتقامي قتل واري پهلو جي به جاچ جي سفارش

رپورٽ ۾ مير رضا جي موت واري واقعي ۾ بليڪ ميلنگ يا انتقامي قتل جي امڪان کي به وڌيڪ جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪميشن مشڪوڪ گاڏين ۽ گيسٽ هائوس ۾ موجود ماڻهن بابت وڌيڪ جاچ تي زور ڏنو آهي، جيئن واقعي سان لاڳاپيل سمورن پهلوئن کي سامهون آڻي سگهجي.

- Advertisement -

ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي سفارش

جوڊيشل ڪميشن ڪيس جي ٻيهر جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي. تجويز ڪيل ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي، پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ سائبر ڪرائم ايجنسي جا نمائندا شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ان کان علاوه، پوليس اهلڪارن جي ڪردار جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ ۽ غفلت جا ذميوار ثابت ٿيندڙ اهلڪارن خلاف کاتي اندر توڙي فوجداري ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

سينيئر پوليس آفيسرن جي نگرانيءَ تي تنقيد

رپورٽ ۾ ڊي آءِ جي عامر فاروقي ۽ ڊي آءِ جي فرخ لنجار جي قيادت ۽ نگرانيءَ بابت سنگين خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڪميشن ٻنهي آفيسرن پاران سوالنامي جي جوابن کي غيرسنجيده ۽ غيراطمينان بخش قرار ڏنو.

رپورٽ موجب، ايس ايس پي سميع الله سومرو به ڪيسن جي قانوني پاسن تي مناسب غور نه ڪيو. ان کان سواءِ، ايس ايڇ او عديل افضل خلاف جامع جاچ ۽ عبوري معطلي، ايس آءِ شبير لغاري خلاف کاتي اندر ڪارروائي ۽ عبوري معطلي، جڏهن ته ايس ايڇ او ڪامران قريشي خلاف کاتي اندر ڪارروائي ۽ عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ڪميشن ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان جي ڪردار بابت چيو ته سندس خلاف ڪنهن ٺوس ڪوتاهيءَ جو ثبوت نه مليو، پر سندس جاچ ٽيم کيس مايوس ڪيو. رپورٽ ۾ آزاد خان بدران جاچ ٽيم جي ميمبرن جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿاريا ويا آهن.

ڪميشن پوليس جي جاچ واري نظام ۾ سڌارن، فارنزڪ سهولتن جي بهتري ۽ پوليس آفيسرن جي تربيت وڌيڪ مؤثر بڻائڻ جي به سفارش ڪئي آهي.

مير رضا جي وارثن جا خدشا درست ثابت ٿيا: جبران ناصر

مير رضا جي وارثن جي وڪيل جبران ناصر جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڪميشن جي رپورٽ ۾ وارثن جا خدشا درست ثابت ٿيا آهن. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ واري سفارش به وارثن جي موقف مطابق آهي.

جبران ناصر موجب، رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيس ۾ وڏي مقدار ۾ شاهدين کي نقصان پهچايو ويو. هن چيو ته ڪميشن واقعي جي پهرين ڏهن ڏينهن دوران جاچ ڪندڙ آفيسرن خلاف انڪوائري جي سفارش ڪئي آهي، جن ۾ ڊاڪٽر اسامه به شامل هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته ڪيس سبب عوام ۽ وارثن جو پوليس تان اعتماد گهٽ ٿيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment