Focus with Zardari

عرفات منہاس جي آل رائونڊ ڪارڪردگي، پاڪستان انگلينڊ کي 87 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

2 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ٽن ملڪي ون ڊي سيريز جي ٻئي ميچ ۾ عرفات منهاس جي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ جي بدولت پاڪستان انگلينڊ کي 87 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. عرفات منهاس ڏکئي وقت ۾ 59 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏڻ کانپوءِ بالنگ ۾ به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ 40 رنسون ڏئي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون.

راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 302 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته 303 رنسن جي هدف پٺيان کيڏندي انگلينڊ جي ٽيم 39هين اوور ۾ 215 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي. فخر زمان اننگز جي پهرين ئي بال تي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته صائم ايوب 8 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. بابر اعظم به 34 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي.

ان موقعي تي حسن نواز ۽ عرفات منهاس ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سهارو ڏنو. حسن نواز 74 بالن تي 79 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عرفات منهاس 58 بالن تي 59 رنسون اسڪور ڪيون. فهيم اشرف 39، سعد بيگ 35 ۽ سلمان علي آغا 16 رنسون ٺاهيون.

- Advertisement -

انگلينڊ طرفان سوني بيڪر 3 ۽ گس اٽڪنسن 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

303 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ انگلينڊ جا بيٽر پاڪستاني بالرن آڏو گهڻو وقت مزاحمت نه ڪري سگهيا. ٽام بينٽن 57، بين ڊڪٽ 45 ۽ جو روٽ 33 رنسون ٺاهيون، پر ٽيم کي ڪاميابي ڏياري نه سگهيا.

پاڪستان طرفان عرفات منهاس 40 رنسن جي عيوض 6 وڪيٽون وٺي انگلينڊ جي بيٽنگ لائن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ٽيم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

واضح رهي ته ٽن ملڪي ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ به پاڪستان سريلنڪا کي 37 رنسن تان شڪست ڏئي فاتحاڻي شروعات ڪئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment