ميهڙ مان اغوا ڄاڻايل 3 اسڪولي شاگردياڻيون بازياب، هڪ جوابدار گرفتار

2 Min Read

ميهڙ: (رپورٽ: عبدالله سومرو) ميهڙ ۾ هڪ ڏينهن اڳ اسڪول وڃڻ کانپوءِ مبينا طور اغوا ٿيل ٽن اسڪولي شاگردياڻين فاطمه جانوري، روشني تيوڻو ۽ تنزيلا پنهور کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي دادو صدام خاصخيلي موجب، خاص پوليس ٽيم لوڪيشن ٽريسنگ، ٽيڪنيڪل ذريعن ۽ ڊيٽا رڪارڊ جي مدد سان ڪارروائي ڪندي ٽنهي شاگردياڻين کي بازياب ڪرايو. واقعي بابت شاگردياڻين جي ڌار ڌار اغوا جا ڪيس ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن.

ياد رهي ته ميهڙ شهر مان هڪ ئي ڏينهن دوران ٽن اسڪولي شاگردياڻين سميت پنج نوجوان عورتون پراسرار نموني لاپتا ٿي ويون هيون. انهن ۾ مدينا ڪالوني واسڻ اٺين جماعت جي شاگردياڻي فاطمه جانوري، ڀٽا محلي جي تنزيلا پنهور، آخوند محلي جي روشني تيوڻو، جڏهن ته بسم الله ڪالوني جون ٻه سڳيون ڀينرون 20 ورهين جي لائيبه ۽ 18 ورهين جي رضيه عرف بيبي بروهي به گهران نڪرڻ کانپوءِ لاپتا ٿي ويون هيون.

ٽنهي شاگردياڻين جي بازيابي کانپوءِ به لائيبه ۽ رضيه عرف بيبي بروهي جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي، جڏهن ته پوليس سندن ڳولا ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري رکيو ويٺي آهي.

ميهڙ مان مبينا اغوا بعد بازياب ٿيل ٽن اسڪولي شاگردياڻين جي معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو جي جنرل سيڪريٽري، ايم پي اي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير فياض علي ٻٽ ايس ايس پي دادو سان رابطو ڪري پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو آهي.

فياض علي ٻٽ چيو ته ٽنهي شاگردياڻين جي جلد ۽ محفوظ بازيابي پوليس جي اثرائتي ڪارروائي جو نتيجو آهي.

هن چيو ته شهرين جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي، تنهن ڪري هن واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا ڪنهن رعايت جي قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام يقيني بڻائي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment