ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ سانوڻي جي وسڪاري جي نئين سسٽم تحت تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جو زور ٽٽي پيو آهي ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي جي رپورٽ موجب، اڄ سڀ کان وڌيڪ تيز برسات ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، مٺي، نگرپارڪر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن سرحدي ڳوٺن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي ڪجهه حصن ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪارو ٿيو آهي.
صوبائي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن، جهڙوڪ گلشن حديد، سپر هاءِ وي، ملير ۽ ساحلي پٽي ۾ اڄ هلڪي کان وچولي درجي جو مينهن پيو آهي.
اتر ۽ اولهه سنڌ جي ضلعن دادو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ سکر ۾ مٽي جي طوفان ۽ تيز هوائن کانپوءِ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئي آهي.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ نوابشاهه ڊويزن ۾ اڄ رات تائين برسات جو هي سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهي سگهي ٿو.
شهري انتظاميا پاران برسات کي ڏسندي ايمرجنسي لاڳو ڪندي شهرين کي بجلي جي پولن ۽ تارن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ سانوڻي جي وسڪاري جو نئون سلسلو شروع، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

