ڪوٽڏيجي ۾ فيصل گلزار ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڇڪتاڻ

1 Min Read

خيرپور/گمبٽ (شڪيل جانوري/ممتاز ميمڻ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران قتل ٿيل 17هين گريڊ جي آفيسر فيصل گلزار ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن عورتن ۽ مردن سان گڏ شاهه حسين قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو.

ڌرڻي سبب ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏيون ڦاسي پيون. مظاهرين قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين فيصل گلزار ڀٽو جي قتل ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيندا، ڌرڻو جاري رهندو.

وارثن موجب اڄ فيصل گلزار ڀٽو جو ٽيجهو آهي، جنهن جون رسمون پڻ ڌرڻي واري هنڌ ادا ڪيون وينديون. مظاهرين چيو ته خيرپور ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جنهن بابت پوليس اختيارين کي بار بار آگاهه ڪيو ويو، پر اثرائتا قدم نه کنيا ويا.

مظاهرين خبردار ڪيو ته قاتلن جي گرفتاري تائين قومي شاهراهه نه کوليندا، جڏهن ته پوليس اهلڪارن کي روڊ کولرائڻ لاءِ ڳالهين جي ڪوشش دوران شهرين واپس موٽائي ڇڏيو. پوليس جي مبينا مداخلت جي صورت ۾ ڌرڻو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو به چتاءُ ڏنو ويو.

Share This Article
Leave a Comment