ملير: (شاهد ڇڄڙو) سپر هاءِ وي تي زڪريا ڳوٺ ويجهو 60 ورهين جي عورت پاڻي جي کڏ ۾ ڪري فوت ٿي وئي.
فوتي عورت جي سڃاڻپ نازيا زال محمد بخشل طور ٿي آهي.
اطلاع تي گڏاپ سٽي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، جن لاش کڏ مان ڪڍي ضروري ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو.
پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


