نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) شهر جي مرحبا هوٽل ڀرسان مبينا طور منشيات (آئيس) جي عادي هڪ شخص جي پوليس سان جهيڙي واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
مبينا نشي ۾ ڌت شخص هوٽل تي ويهي شهرين کي گارگند ڪندو رهيو، جنهن تي شهرين پوليس کي اطلاع ڏنو
پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدار ڪپڙا لاهي اهلڪارن سان مزاحمت ڪئي ۽ اهلڪارن ڪٽڪو ڏنو.
اهڙي صورتحال دوران ڪجهه شهري وچ ۾ پئجي پوليس اهلڪارن ۽ جوابدار کي هڪٻئي کي ڇڏائيندا رهيا، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي آهي.


