ڪشمور (شيرباز کوسو) چاچڙ پل ڀرسان واهه مان هڪ عورت جو لاش هٿ آيو، جنهن کي پوليس مقامي ماڻهن جي مدد سان پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، فوت ٿيل عورت جي سڃاڻپ شريفان نالي سان ٿي آهي. واقعي جي اصل حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل عورت جو ذهني توازن درست نه هو ۽ هوءَ گذريل ڏينهن کان گهران گم هئي.


