نوشهروفيروز (رپورٽ: عادل عباسي) محراب پور پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي اغوا ٿيل 12 ورهين جي نينگريءَ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.
ايس ايچ او محراب پور راجا نويد سرفراز موجب، پوليس ڳجهي اطلاع تي هڪ گهر تي ڇاپو هڻي اغوا ٿيل نينگري افسانه گھانگهرو کي ڪاميابيءَ سان آزاد ڪرايو.
صوبائي پوليس انتظاميا جو چوڻ آهي ته نينگريءَ جي اغوا جو ڪيس فريادي حضور بخش جي مدعيت ۾ محراب پور ٿاڻي تي ڪيس نمبر 84/2026 تحت داخل ٿيل هو، جنهن تي تيزي سان ڪارروائي ڪندي نينگريءَ کي هٿ ڪيو ويو آهي.
ايس ايچ او راجا نويد سرفراز ميڊيا کي ٻڌايو ته “بازياب ڪرايل نينگريءَ کي سڀاڻي قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جتي سندس بيان قلمبند ڪرايو ويندو.
ٻئي طرف، معصوم نينگريءَ جي باقاعده ۽ سلامتيءَ سان بازيابيءَ تي وارثن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي.


