نوشهروفيروز (رپورٽر) ڀريا ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي روڊ جو هڪ پاسو بند هجڻ سبب اوور ٽيڪ ڪرڻ دوران 2 ڪارن ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ خانواڻ واسي نوجوان فيروز الدين تنيو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته پنجاب واسي 2 مسافر زخمي ٿي پيا.
حادثي کانپوءِ فوتي جو لاش ۽ زخمي ڪافي دير تائين روڊ تي پيل رهيا، جڏهن ته موٽروي پوليس ۽ مقامي صحت کاتي جي انتظاميا بروقت نه پهتي. زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس پڻ موجود نه هجڻ سبب زخمي روڊ تي تڙپندا رهيا.
علائقي واسين موجب نيشنل هاءِ وي جو ڪم سست رفتاري جو شڪار ۽ روڊ جو هڪ پاسو بند هجڻ سبب حادثا معمول بڻجي ويا آهن. شهرين لاڳاپيل اختيارين کان روڊ جو ڪم تيز ڪرائڻ ۽ حادثن جي صورت ۾ فوري امداد لاءِ ايمرجنسي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


