حيدرآباد ( ذاڪر لغاري ) حيدرآباد جي علائقي ٽنڊي طيب ۾ گهر جي ڇت تي ستل ٽي ٻارڙا بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويا.
اطلاعن موجب، شهدادپور کان حيدرآباد شادي تقريب ۾ آيل ٽئي مهمان ٻارڙا ڇت تي ستل هئا، 11هزار والٽ جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيا.
فوتين ۾ 14 ورهين جو عبدالرحمان پٽ ڪامران، 10 ورهين جو فرحان پٽ فيروز ۽ 12 ورهين جو فيروز شامل آهن.
ٻڌايو پيو وڃي ٿه فوتين ۾ ٻه ڀائر آهن، ٽنهي ٻارڙن جا مڙهه ڇت تان هيٺ لاٿا ويا.


