نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي): ڀورٽي ڀرسان ڳوٺ بادل سولنگي وٽ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي جاڙو شيخ کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
زخمي کي فوري طور سول اسپتال نوشهرو فيروز منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج جاري آهي.
وارثن دعويٰ ڪئي آهي ته 6 هٿياربندن موٽرسائيڪل ۽ 2 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. هنن الزام هنيو ته جوابدارن مان ڪجهه کي سڃاڻن ٿا، جن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي.
متاثر ڌر آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.


