شڪارپور ۾ مبينا پوليس مقابلو، اهلڪار زخمي، 3 ڏوهارين جي مارجڻ جي دعويٰ

1 Min Read

شڪارپور: (عتيق ڌڪڙ) ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته پوليس 3 ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب شجراع لاڙي آڏو مقابلي دوران اهلڪار برڪت مڱڻيجو زخمي ٿيو، جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا پيا وڃن.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين خلاف وڌيڪ ڪيسن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment