نوشهرو فيروز (رپورٽر) ڪوئٽا ۾ ڊيوٽي دوران تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيل ليڊي ڊاڪٽر ماهه نور ناصر جي حمايت ۾ پي ايم اي ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو.
پي ايم اي ضلعي نوشهروفيروز جي صدر ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، ڊاڪٽر بدرالدين ابڙو، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ سهتو ۽ ٻين اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته ليڊي ڊاڪٽر ماهه نور تي حملو سمورن ڊاڪٽرن تي حملو آهي.
هنن چيو ته واقعي جو جوابدار ڀلي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هجي، پر قانوني گهرجون پوريون ڪري معاملي جي توڙ تائين پهچڻ ضروري آهي ته جيئن اڳتي اهڙن واقعن کي روڪڻ جي حڪمت عملي جو پتو پئجي سگهي.
اڳواڻن بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زخمي ليڊي ڊاڪٽر جو علاج ماهرن جي نگراني ۾ سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي ۽ ملڪ جي سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.

نوشهرو فيروز: ڪوئيٽا جي ڊاڪٽرياڻي تي تيزاب حملي خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج
Leave a Comment Leave a Comment

