ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحاني نتيجن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي ڪميشن کان لکت ۽ زباني امتحانن جو مڪمل طريقو طلب ڪري ورتو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايس پي ايس سي نتيجن خلاف ٻڌڻي دوران درخواست گزارن پاران ترميم ٿيل ٽائيٽل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ امتحانن ۾ ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن کي پڻ ڌر بڻايو ويو آهي.
عدالت ڪميشن کي سخت هدايت ڪئي ته امتحاني عمل ۽ نتيجن جي تياري سان لاڳاپيل سمورا تفصيل ۽ مڪمل طريقيڪار ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي.
عدالت معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن امتحاني نتيجن خلاف ٻڌڻي، ايس پي ايس سي کان امتحانن جو مڪمل طريقو طلب
Leave a Comment Leave a Comment

