نون صوبن جي ڳالهه وفاقي ڪابينا ۾ ناهي ٿي، پر 28هين ترميم جو وقت اچي ويو آهي: مصطفيٰ ڪمال

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن يا نون انتظامي يونٽن جي قيام بابت وفاقي ڪابينا ۾ هن وقت تائين ڪا ڳالهه غور هيٺ ناهي آئي، پر انتظامي يونٽن کي صوبن ۾ ورهائڻ بابت بحث ضرور ٿي رهيو آهي.

آباد هائوس ۾ تعميراتي شعبي جي نمائندن کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هي معاملو سنڌي يا مهاجر جو ناهي، پر نظام جي بهتري جو معاملو آهي.سندس چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ٺاهيل آئين ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ آئين ۾ ترميم به ٿي سگهي ٿي.

مصطفيٰ ڪمال دعويٰ ڪئي ته ڪراچي سنڌ جي آبادي جو 38 سيڪڙو ۽ حيدرآباد 5 سيڪڙو آهي، پر اهي انگ اکر ڪيترائي ماڻهو تسليم نٿا ڪن. سندس موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڪراچي جي آبادي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ هجڻ جو ذڪر ڪيو هو.

وفاقي وزير چيو ته ڪراچي پاڪستان جو واحد شهر آهي، جنهن جي آبادي مسلسل وڌي رهي آهي، پر مردم شماري ۾ انگ گهٽ ٿيندا رهيا آهن. سندس دعويٰ موجب وفاق ۾ آواز اٿارڻ کانپوءِ ڪراچي جي آبادي بابت 73 لک ماڻهن جو رڪارڊ درست ڪري انگ 2 ڪروڙ 3 لک تائين پهچايو ويو.

اين ايف سي ايوارڊ بابت ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 2010ع ۾ ڊسٽرڪٽ ٽيڪس کي اين ايف سي ۾ شامل ڪري ڪراچي جو حق ختم ڪيو ويو. سندس دعويٰ موجب ڪراچي کي ڊسٽرڪٽ ٽيڪس جي مد ۾ ساليانو 238 ارب رپيا ملڻ گهرجن ها، پر اهي رقمون شهر جي ترقي تي خرچ نه ٿيون.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي جا لڳ ڀڳ 2 هزار ارب رپيا انفرااسٽرڪچر تي خرچ ٿيڻ گهرجن ها، پر اهي شهر کي نه ملي سگهيا.مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته موجوده انتظامي نظام ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ پيچيده بڻائي رهيو آهي. سندس دعويٰ موجب گذريل 18 سالن دوران ڪراچي مان 22 هزار ارب رپيا وصول ٿيا، پر ان جي باوجود شهر جي بنيادي مسئلن جو حل نه ٿي سگهيو.

هن ڀارت جو مثال ڏيندي چيو ته ڀارت پنهنجي صوبن جو انگ 9 مان وڌائي 38 تائين پهچايو، جڏهن ته پاڪستان اڃا تائين چئن صوبن تائين محدود آهي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ ۾ نئين انتظامي ڍانچي ۽ 28هين آئيني ترميم تي سوچڻ جو وقت اچي ويو آهي.

وفاقي صحت واري وزير صحت جي شعبي بابت ٻڌايو ته حڪومت اڳ ۾ هيلٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن لاءِ 22 ارب رپين جو منصوبو ٺاهيو ويو هو، پر اهو عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيو.

Share This Article
Leave a Comment