راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي پوليس ٽيڪسلا ۾ ٽڪ ٽاڪر شمسو بي بي عرف عائشا گلامنا جي ڪيس ۾ سندس والد ۽ ڀاءُ سميت پنج ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ واقعو غيرت جي نالي تي قتل جو شڪ ظاهر ٿيو آهي.
ايس ايس پي آپريشنز راولپنڊي طارق محبوب موجب جاچ دوران 100 کان وڌيڪ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته انساني ذريعن سميت مختلف طريقن سان معلومات گڏ ڪئي وئي.
پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ مقتولا جو والد فضل، ڀاءُ بشير، ڪزن احسان، والد جو چاچو روزي خان ۽ ڪزن جو پٽ ياسين شامل آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران مبينا طور تي سامهون آيو ته عائشا گلامنا جي قتل جو منصوبو سندس والد ۽ ڀاءُ ٻين ساٿين سان گڏجي لوئر دير ۾ پنهنجي اباڻي علائقي ۾ ٺاهيو هو.
عائشا کي 14 آگسٽ 2026 تي ٽيڪسلا ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو. شروعاتي ايف آءِ آر موجب هوءَ پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ گاڏي ۾ وڃي رهي هئي، جڏهن موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي. فائرنگ ۾ عائشا کي گولي لڳي، جڏهن ته سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ پڻ زخمي ٿيا.
ابتدائي مرحلي ۾ ڪيس ۾ نامزد ڪاشف کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو. پوليس هاڻي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل سمورن جوابدارن خلاف وڌيڪ ثبوت گڏ ڪري رهي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف مضبوط شاهدين ۽ ثبوتن سان چالان پيش ڪري قانون موجب سزا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.


