نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تازن سالن دوران نوجوانن جون تحريڪون رڳو تعليمي يا سماجي مسئلن تائين محدود نه رهيون آهن، پر انهن ملڪن جي سياست تي به اثر ڇڏيو آهي. نيپال ۽ بنگلاديش جا مثال ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته شاگردن ۽ نوجوانن جي منظم احتجاجن حڪومتن لاءِ وڏا سياسي چئلينج پيدا ڪيا.
سيپٽمبر 2025ع ۾ نيپال ۾ حڪومت طرفان انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي لاڳو ڪيل پابندين خلاف نوجوانن احتجاج شروع ڪيو، جيڪو اڳتي هلي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيو. اهڙي طرح 2024ع ۾ بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگردن جي تحريڪ شروع ٿي، جيڪا آخرڪار شيخ حسينه واجد جي ڊگهي حڪمراني جي پڄاڻي تي پهتي.
هاڻي اهڙي ئي هڪ وڏي احتجاجي لهر ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي جي جنتر منتر تي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي لکين شاگرد امتحاني پرچن جي مبينا ليڪ ٿيڻ، تعليمي نظام ۾ بي ضابطگين ۽ تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هو رڳو امتحاني نظام ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ نوجوانن جي مستقبل جو تحفظ چاهين ٿا، پر حڪومت پاران احتجاج ڪندڙ شاگردن خلاف سخت ڪارروائين سبب صورتحال وڌيڪ ڇڪتاڻ واري بڻجي رهي آهي.
هي احتجاج هاڻي رڳو تعليمي مسئلو نه رهيو آهي، پر سياسي رنگ به اختيار ڪري ويو آهي. ڪشمير جو اڳوڻو وزيراعليٰ عمر عبدالله ۽ فاروق عبدالله به احتجاج ۾ شرڪت ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ڀارتي نيشنل ڪانگريس جا اڳواڻ راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي پڻ مظاهرين سان ايڪي جو اظهار ڪري چڪا آهن. ڀارت جي مختلف شهرن ۾ به ان احتجاج جي حمايت ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري آهن.
ٻئي طرف رپورٽن موجب حڪومت پنجاب کان ايندڙ رستن تي سخت نگراني ڪري رهي آهي ته جيئن هارين جا قافلا دهلي پهچي احتجاج ۾ شامل نه ٿي سگهن. ڪجهه فلمي شخصيتن جي شرڪت کانپوءِ حڪمران ڌر سان لاڳاپيل حلقن انهن خلاف به سخت بيان جاري ڪيا آهن.
احتجاج دوران ڪيترن ئي نوجوانن جو چوڻ آهي ته مذهبي ورهاست، پاڪستان مخالف بيانين ۽ قومي سلامتي جا نعرا اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ملڪ جا بنيادي مسئلا تعليم، صحت، روزگار، مهانگائي ۽ معاشي ناانصافي آهن.
احتجاج ڪندڙن جو موقف آهي ته نوجوان نسل هاڻي مستقبل، نوڪرين، معياري تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ معاشي موقعن بابت واضح جواب گهري رهي آهي.
ڀارت ۾ حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي تي تنقيد ڪندڙن جو الزام آهي ته اها پنهنجي سياست ۾ هندو قومپرستي ۽ قومي سلامتي جي موضوعن کي مرڪزي حيثيت ڏئي ٿي. اهڙي سياست سبب مهانگائي، بيروزگاري، هارين جا مسئلا، معاشي برابري ۽ سماجي ڀلائي جهڙا اهم موضوع پوئتي رهجي وڃن ٿا.
ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڪشمير، سرحدي تڪرار، دهشتگردي ۽ پاڻي جا مسئلا اڳ ئي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي پيچيده بڻائي چڪا آهن. اهڙي ماحول ۾ قومي سلامتي ۽ پاڪستان بابت سخت بيانيا سياسي بحث جو اهم حصو بڻيل آهن.
اڄ جو ڀارتي نوجوان رڳو روايتي ميڊيا تي ڀاڙڻ بدران سوشل ميڊيا ۽ عالمي ڊجيٽل پليٽ فارمن ذريعي دنيا سان ڳنڍيل آهي. ان ڪري سرڪاري بيانين کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سوالن ۽ تنقيد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
نوجوانن جو هڪ وڏو طبقو هاڻي سياسي پارٽين کان رڳو جذباتي نعرن بدران عملي ڪارڪردگي، روزگار، معيشت، تعليم ۽ پنهنجي مستقبل بابت جواب طلب ڪري رهيو آهي.
نيپال ۽ بنگلاديش جي تجربن کانپوءِ هاڻي سوال اهو اڀري رهيو آهي ته ڇا ڀارت ۾ جاري شاگرد تحريڪ رڳو تعليمي سڌارن تائين محدود رهندي يا ملڪ جي سياست تي به گهرو اثر ڇڏيندي؟
هن وقت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته موجوده احتجاج حڪومت جي مستقبل تي ڪهڙو اثر وجهندو، ڇو ته اهڙي نتيجي بابت ڪا پڪي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. تنهن هوندي هڪ ڳالهه واضح نظر اچي رهي آهي ته ڀارت جو نوجوان نسل هاڻي روزگار، معيشت، تعليم، صحت ۽ سماجي انصاف جهڙن مسئلن کي قومي بحث جو مرڪز بڻائڻ چاهي ٿو، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهو ئي مطالبو ڀارتي سياست جي رخ بابت اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.


