عظيم ديوارِ چين: انساني عزم، انجنيئرنگ ۽ تاريخ جو لازوال شاهڪار

4 Min Read

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ستن عجوبن ۾ شامل عظيم ديوارِ چين اڄ به انساني همت، شاندار انجنيئرنگ ۽ دفاعي حڪمتِ عملي جي هڪ بي مثال نشاني طور سڃاتي وڃي ٿي. صديون گذرڻ باوجود هي عظيم تاريخي ورثو پنهنجي شان، خوبصورتي ۽ منفرد تعمير سبب دنيا جي لکين سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو.

بيجنگ جي اتر ۾ واقع بادالنگ جو حصو عظيم ديوار چين جو سڀ کان مشهور ۽ بهترين محفوظ علائقو آهي. هر سال دنيا جي مختلف ملڪن مان لکين سياح هتي پهچي نه رڳو هن تاريخي شاهڪار جو ديدار ڪن ٿا، پر چين جي هزارين سالن پراڻي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کي به ويجهڙائي سان محسوس ڪن ٿا.

ديوارِ چين جو بادالنگ وارو حصو منگ خاندان (1368ع کان 1644ع) جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو. ان جو بنيادي مقصد چين کي اتر کان ايندڙ منگول حملي آورن کان محفوظ رکڻ هو.

ڀت کي انتهائي سوچي سمجهي دفاعي رٿابندي تحت ٺاهيو ويو. هڪ پاسي اٽڪل ٻه ميٽر اوچي حفاظتي ڀت تعمير ڪئي وئي، جنهن جي اوٽ ۾ بيٺل سپاهي ۽ تيرانداز دشمن تي حملو ڪري سگهندا هئا. جڏهن ته ٻئي پاسي ڀت گهٽ اوچي رکي وئي ته جيئن فوجي سولائي سان پنهنجي بيرڪن، هٿيارن جي ذخيرن ۽ مرڪزن تائين پهچي سگهن.

هن ڀت جي سراسري اوچائي اٽڪل 7.8 ميٽر آهي، پر ان جي اصل طاقت رڳو اوچائي نه، پر ان جي جغرافيائي هنڌ ۾ به سمايل آهي. ڀت کي ڏکين جبلن، اوچين چوٽين ۽ قدرتي رنڊڪن تي تعمير ڪيو ويو، جنهن سبب دشمن لاءِ ان تائين پهچڻ يا ان کي پار ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويندو هو.

بادالنگ جو بلند ترين هنڌ سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 900 ميٽر مٿي آهي، جڏهن ته بيجنگ شهر جي اوچائي رڳو 42 کان 45 ميٽر آهي. اهو وڏو فرق ٻڌائي ٿو ته ڀت کي ڪيتري حڪمت عملي سان اهڙي هنڌ تي تعمير ڪيو ويو، جتان دشمن جي هر چرپر تي سولائي سان نظر رکي سگهجي.

بادالنگ جو سياحتي حصو 4.2 ڪلوميٽر ڊگهو آهي، پر سرڪاري سروي موجب رڳو منگ خاندان جي دور ۾ تعمير ٿيل ڀت جي مجموعي ڊيگهه 8 هزار 851 ڏهائي 8 ڪلوميٽر آهي، جيڪا ان کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي ۽ شاندار دفاعي اڏاوتن مان هڪ بڻائي ٿي.

اڄ عظيم ديوارِ چين رڳو هڪ پراڻو فوجي قلعو نه رهي آهي، پر اها چين جي تهذيبي سڃاڻپ، غيرمعمولي انجنيئرنگ مهارت ۽ ثقافتي ورثي جي عالمي علامت بڻجي چڪي آهي.

انهيءَ تاريخي اهميت کي نظر ۾ رکندي يونيسڪو عظيم ديوار چين کي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو، جڏهن ته دنيا جي ستن عجوبن ۾ ان جي شموليت به ان جي اهميت کي وڌيڪ نمايان بڻائي ٿي.

هر سال لکين ملڪي ۽ غيرملڪي سياح عظيم ديوارِ چين جو سفر ڪن ٿا، جتي هو رڳو صدين پراڻي تاريخ جو مشاهدو نٿا ڪن، پر انساني عزم، اعليٰ تعميراتي هنر ۽ مضبوط دفاعي حڪمتِ عملي جي اهڙي شاهڪار کي به ڏسن ٿا، جيڪو اڄ به دنيا کي حيران ڪري ٿو.

عظيم ديوارِ چين اهو پيغام ڏئي ٿي ته جڏهن ڪنهن قوم وٽ عزم، منصوبابندي ۽ محنت هجي ته وقت جي آزمائشن باوجود ان جا ڪارناما صدين تائين زندهه رهن ٿا.

Share This Article
Leave a Comment