هٿرادو مٺاڻ ۽ فليورڊ شربت شگر ۽ ڪينسر جو خطرو وڌائين ٿا: قومي اسيمبلي ڪميٽي

1 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو آهي ته هٿرادو مٺاڻ ۽ فليورڊ شربتن جو وڌيڪ استعمال ذيابيطس، ميٽابولڪ بيمارين ۽ ڪينسر جي ڪجهه قسمن جو خطرو وڌائي سگهي ٿو، جڏهن ته ٻار، ڳورهاريون عورتون ۽ کير پياريندڙ مائرون وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون.
چيئرمين سيد حسين طارق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پي ايس ڪيو سي اي کي صحت تي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ فوري فني ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ ۽ ٻن مهينن اندر معيار ۽ ضابطن تي نظرثاني ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نون ضابطن ۾ لازمي ليبل، صحت بابت خبرداري، استعمال جي آخري تاريخ ۽ پلاسٽڪ بوتلن جي پيڪنگ جا نوان معيار شامل ڪيا ويندا.

Share This Article
Leave a Comment