وزيراعظم شهباز شريف جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ طلبي

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي اي  ٽربيونل جي ممبر فنانس جي مقرري نه ٿيڻ بابت ڪيس جي سماعت دوران جسٽس محسن اختر ڪياني سخت ريمارڪس ڏنا آهن. عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن 18 مئي تائين اها مقرري نه ڪئي وئي ته پاڪستان جي وزيراعظم کي پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي وضاحت ڏيڻي پوندي ته اڃا تائين اها مقرري ڇو ناهي ٿي سگهي.

عدالت قانون واري سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري ڪئبنيٽ کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سماعت دوران جڏهن اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو ته هڪ ريٽائرڊ جج کي ٽربيونل جو ممبر مقرر ڪيو ويو آهي، ته جسٽس ڪياني سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو تهريٽائرڊ ججن ئي سڀ کان وڌيڪ ٻيڙو غرق ڪيو آهي، انهن کي ٽربيونلز ۾ وڃڻ جو وڌيڪ شوق هوندو آهي. رات جو کين (پنهنجا پراڻا) پروٽوڪول ۽ سيلوٽ ياد ايندا آهن ته پوءِ اهي کين سمهڻ ناهن ڏيندا.

عدالت پنهنجي تحريري حڪمنامي ۾ چيو ته گذريل چئن ٻڌڻين کان وفاقي حڪومت صرف وقت گهري رهي آهي، ان ڪري هاڻي کين هي آخري موقعو ڏنو پيو وڃي. جيڪڏهن ايندڙ سماعت تائين ممبر فنانس جي مقرري نه ٿي ته ذميوار آفيسرن کي مقرريءَ جي رڪاوٽن بابت وضاحت ڏيڻي پوندي.

واضح رهي ته هي ٽربيونل ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل ايڪٽ 2024 تحت قائم ڪيو ويو هو، جنهن جي ٻڌڻي هاڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment