Focus with Zardari

وفاقي آئيني عدالت ملڪيت جي وارثت جي حق بابت اهم فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي آئيني عدالت وراثتي ملڪيت بابت اهم فيصلو ڏيندي قرار ڏنو آهي ته اڳ ۾ فوت ٿيل ڀاءُ جي ٻارن کي چاچي جي ملڪيت ۾ وراثتي حق حاصل نه ٿيندو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيڪڏهن شرعي حصيدار موجود هجن ته پري جا مائٽ وراثت جا حقدار نٿا بڻجي سگهن، جڏهن ته رڳو خوني رشتو ڪنهن شخص لاءِ وراثتي حق پيدا نٿو ڪري، پر ان جي قانوني حيثيت پڻ ڏسڻي پوندي.

فيصلي موجب مسلم فيملي لاز آرڊيننس 1961 جي دفعه 4 جو اطلاق صرف متوفي جي اڳ ۾ فوت ٿيل پٽ يا ڌيءَ جي اولاد تي ٿيندو ۽ ان کي قياس يا مشابهه بنياد تي اڳ ۾ فوت ٿيل ڀاءُ جي اولاد تائين وڌائي نٿو سگهجي.

عدالت قرار ڏنو ته جيڪو ڀاءُ متوفي کان اڳ فوت ٿي وڃي، اهو پاڻ پنهنجي ڀاءُ جي ملڪيت جو وارث نٿو بڻجي سگهي، جڏهن ته حنفي قانونِ وراثت تحت اهڙي اڳ ۾ فوت ٿيل ڀاءُ جي اولاد کي نمائندگي جي اصول تحت پنهنجي والد جو حصو نٿو ملي.

- Advertisement -

فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواستگذارن جو اهو موقف برقرار نٿو رکي سگهجي ته هو متوفي جا شرعي حصيدار آهن، ڇاڪاڻ ته لاڳاپيل رشتي جي بنياد تي انهن لاءِ وراثت ۾ ڪو مقرر حصو موجود ناهي.

عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته دفعه 4 عام قانونِ وراثت کان هڪ مخصوص قانوني استثنا آهي، جنهن جو فائدو اڳ ۾ فوت ٿيل پٽ يا ڌيءَ جي اولاد تائين محدود آهي.

درخواستگذارن جو والد متوفي جو ڀاءُ هو، جيڪو اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو. درخواستگذارن مسلم فيملي لاز آرڊيننس جي دفعه 4 تحت وراثتي حق جي دعويٰ ڪئي هئي، پر عدالت قرار ڏنو ته اها دفعه ڀاءُ جي اولاد تي لاڳو نٿي ڪري سگهجي.

آئيني عدالت چيو ته درخواستگذارن ڪيس ۾ ڪا اهڙي قانوني، دائرہ اختيار يا اهم ثبوتي غلطي ثابت نه ڪئي، جنهن جي بنياد تي اڳوڻو فيصلو تبديل ڪري سگهجي.

عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جو 18 مارچ 2026 وارو فيصلو برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment