ميرپورخاص جي سول اسپتال کي ڊويزنل ۽ ٽيٽري ڪيئر اسپتال جو درجو ڏيڻ، مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ خاص طور هيموڊائلاسز سينٽر جون خاميون ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص سرڪٽ بينچ جي حڪمن باوجود ڪيترائي سوال اڃا تائين جواب طلب آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ، جنهن ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس امجد علي شامل آهن، سول اسپتال ميرپورخاص جي صورتحال بابت اڳوڻي حڪم تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري ۽ جوائنٽ انسپيڪشن ٽيم جي ميمبرن کي 7 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت جو بنيادي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اسپتال هلندڙ آهي ته ڇا ان جو مطلب اهو به آهي ته اسپتال کي گهربل سمورا وسيلا، مستقل عملي، دوائون، مشينري ۽ مالي سهولتون پڻ مڪمل طور تي موجود آهن؟
عدالت واضح ڪيو ته رڳو اهو ٻڌائڻ ڪافي ناهي ته سول اسپتال يا هيموڊائلاسز سينٽر ڪم ڪري رهيو آهي.
اصل سوال اهو آهي ته منظور ٿيل پوسٽن تي ڪيترو عملو مقرر آهي؟ ڪهڙيون پوسٽون خالي آهن؟ مريضن جي ضرورت مطابق سامان موجود آهي يا نه؟ ۽ اسپتال کي ڊويزنل يا ٽيٽري ڪيئر سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ عملي ۽ وقت جي پابند منصوبو ڪٿي آهي؟
عدالت جي سامهون پيش ڪيل رپورٽ ۾ هيموڊائلاسز سينٽر بابت هڪ اهم کوٽ سامهون آئي.سينٽر طرفان 500 ڊائلاسز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڊائلاسزرز جي گهرج ڪئي وئي، پر فراهمي رڳو 150 ٿي سگهي.يعني گهربل مقدار جي مقابلي ۾ 350 ڊائلاسزرز جي کوٽ موجود آهي.
عدالت سوال اٿاريو ته اهڙي صورتحال ۾ هيموڊائلاسز سينٽر جي ضرورتن کي مڪمل قرار ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو؟
عدالت سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ موجود ڊائلاسزرز جو اسٽاڪ، روزاني يا سراسري استعمال ۽ موجوده مريضن جي انگ موجب گهربل مقدار بابت مڪمل تفصيل پيش ڪئي وڃي.
رپورٽ مان اهو پڻ سامهون آيو ته رت ۽ ٻين جسماني بيمارين جي تشخيص بابت ڪوبيس ليبارٽري مشين خراب آهي ۽ ان جي مرمت يا بحالي جي ضرورت آهي.
عدالت ان ڳالهه کي به اهم سمجهيو ته هيموڊائلاسز سينٽر انساني وسيلن، ليبارٽري ۽ مشينري لاءِ عطين تي به ڀاڙيندو آهي.يعني سوال صرف مشين هلڻ يا اسپتال کليل هجڻ جو ناهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا سرڪاري اسپتال جي بنيادي ضرورتن لاءِ مستقل ۽ سرڪاري بندوبست موجود آهي؟
عدالت حڪم ڏنو ته خراب مشين کي ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ مرمت يا تبديل ڪيو وڃي.
عدالت جي سامهون پيش ڪيل مختلف رپورٽن ۾ هيموڊائلاسز سينٽر جي عملي بابت انگ اکر هڪجهڙا نه هئا.عدالت قرار ڏنو ته پيش ڪيل انگن اکرن کي منظور ٿيل ۽ ڀريل پوسٽن جي واضح فهرست طور قبول نٿو ڪري سگهجي.ڇو ته اضافي عملي سان سينٽر هلڻ پنهنجي جاءِ تي، پر ان مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته منظور ٿيل مستقل پوسٽن تي گهربل عملي جي مقرري مڪمل آهي.
ان ڪري عدالت تازو پوسٽ وار تفصيل طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ هر منظور ٿيل پوسٽ ۽ ان تي مقرر عملي جي واضح ڄاڻ شامل هجي.
عدالت هيموڊائلاسز سينٽر لاءِ 10 ملين رپين جي رقم 2026-27ع ۾ جاري ٿيڻ تي پڻ اطمينان جو اظهار نه ڪيو.
عدالت ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن، ضلعي صحت آفيسر ۽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي حڪم ڏنو ته مالي سال 2022، 23 کان وٺي 2026، 27 تائين جي جاري ڪيل ۽ استعمال ٿيل رقم بابت سمورا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا وڃن.
يعني عدالت هاڻي رڳو اها ڄاڻ نه ٿي چاهي ته رقم جاري ٿي، پر اهو به ڏسڻ چاهي ٿي ته ڪيتري رقم ڪڏهن جاري ٿي ۽ ڪٿي خرچ ٿي؟
عدالت دوائن ۽ طبي استعمال جي شين جي خريداري بابت به مڪمل وضاحت طلب ڪئي.عدالت موجب رڪارڊ ۾ خريداري جي ٻن مختلف ذريعن وچ ۾ مڪمل حساب ڪتاب موجود نه هو.ان ڪري ڪمشنر، ڊي ايڇ او ۽ ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ کي 2025-26 ۽ 2026-27 لاءِ تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي .
عدالت سوال ڪري ٿي ته 15 سيڪڙو مقامي خريداري لاءِ ڪيتري رقم مختص ٿي؟ 85 سيڪڙو شڪايتن جي ازالي واري ڪميٽي ذريعي ڪيتري رقم جاري ٿي؟ ڪيتري رقم استعمال ٿي؟ ۽ خريد ڪيل دوائن ۽ سامان جو مڪمل رڪارڊ ڪهڙو آهي؟
سول اسپتال ميرپورخاص جي مجموعي ڪارڪردگي بابت به عدالت اهم سوال اٿاريا آهن.سنڌ جي صحت واري سيڪريٽري سميت لاڳاپيل اختيارين کان پوسٽ وار ۽ ماهر ڊاڪٽرن جي شعبي وار خالي پوسٽن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
ان سان گڏ عدالت اهو به ڄاڻڻ چاهي ٿي ته اسپتال ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ٽيڪنيڪل عملي جي کوٽ ڪهڙين موجوده طبي خدمتن کي متاثر ڪري رهي آهي.
عدالت جي حڪمن ۾ سڀ کان اهم سوالن مان هڪ سول اسپتال ميرپورخاص کي ڊويزنل يا ٽيٽري ڪيئر اسپتال طور اپ گريڊ ڪرڻ بابت آهي.عدالت جي مشاهدي موجب ان نقطي تي پيش ڪيل رپورٽ ڪو واضح جواب فراهم نه ڪيو.
رپورٽ ۾ ڪو واضح ترقياتي پروگرام به بيان نه ڪيو ويو.يعني جيڪڏهن ميرپورخاص ڊويزن جي وڏي سرڪاري اسپتال کي جديد ۽ اعليٰ سطح جي طبي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻو آهي ته ان لاءِ:منصوبو ڪٿي آهي؟بجيٽ ڪيتري آهي؟ڪهڙا شعبا قائم ٿيڻا آهن؟ڪهڙيون پوسٽون منظور ٿيڻيون آهن؟ مشينري ڪهڙي اچڻي آهي؟
هڪ اهڙي اسپتال، جيڪا پوري ڊويزن جي ماڻهن لاءِ اهم طبي مرڪز هجي، جيڪڏهن ڊائلاسزرز جي کوٽ، خراب ليبارٽري مشين، عملي جي خالي پوسٽن ۽ ترقياتي منصوبي جي غيرواضح صورتحال کي منهن ڏئي رهي هجي ته پوءِ مريضن لاءِ سوال صرف علاج ملڻ جو نه، پر معياري ۽ بروقت علاج ملڻ جو بڻجي وڃي ٿو.
هاڻي عدالت 7 آڪٽوبر تي صحت واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اختيارين کان رڳو رپورٽ نه، پر انهن سوالن جا دستاويزي ۽ قابلِ تصديق جواب طلب ڪيا آهن.
ميرپورخاص سول اسپتال جي مستقبل جو دارومدار هاڻي ان ڳالهه تي آهي ته ڪاغذن ۾ پيش ٿيندڙ دعوائون زمين تي موجود سهولتن سان ڪيتريون هڪجهڙيون ثابت ٿين ٿيون.

فنڊز ڪٿي ٿا خرچ ڪيو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ميرپورخاص سول اسپتال جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ رد ڪري ڇڏي، صحت وارو سيڪريٽري رڪارڊ سوڌو طلب
Leave a Comment Leave a Comment

