اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي وارَي وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مالي سال 2026-27ع لاءِ 18 هزار 771 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي.
بجيٽ تقرير دوران محمد اورنگزيب چيو ته اتحادي جماعتن جو ٿورائتو آهيان، حڪومت جو ٽيون بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام اچي رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي ملڪ جي دفاعي صلاحيت کي به مڃتا ملي رهي آهي.
ناڻي واري وزيرموجب ملڪ جي معيشت جو حجم 452 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته في ماڻهو آمدني 1751 ڊالرن مان وڌي 1901 ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته مٽا سٽا جا ذخيرا 17 ارب ڊالرن کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن ۽ ترسيل زر هلندڙ مالي سال ۾ 41 ارب ڊالرن کان وڌڻ جو امڪان آهي.
بجيٽ ۾ قومي دفاع لاءِ 3 هزار ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سول انتظاميه جي خرچن لاءِ هڪ هزار 71 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
وفاقي ناڻي واري وزيراعلان ڪيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ به 7 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ۾ 10 سيڪڙو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) لاءِ 838 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
محمد اورنگزيب موجب تنخواه دار طبقي کي ٽيڪس ۾ رليف ڏيڻ لاءِ مختلف آمدني وارن سليبز تي انڪم ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته پگهار دار طبقي تي لاڳو 9 سيڪڙو سرچارج ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
بجيٽ ۾ ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪسڊ ٽيڪس سسٽم متعارف ڪرائڻ جي تجويز پڻ شامل آهي. ان تحت 20 ڪروڙ رپين کان گهٽ سالياني وڪرو ڪندڙ دڪاندار پنهنجي سالياني وڪري جو هڪ سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا.
ناڻي واري وزيرچيو ته جائيداد جي خريد ۽ وڪري تي لاڳو وِد هولڊنگ ٽيڪس ۾ به گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته غير ملڪي اثاثن تي لاڳو ڪيپيٽل ويليو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل آهي.
بجيٽ ۾ درآمدي گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ، 2 هزار کان 3 هزار سي سي تائين ايس يو وي گاڏين تي ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ ۽ 3 هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي ڊيوٽي وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ٻن ڪروڙ رپين کان وڌيڪ قيمت وارين اليڪٽرڪ گاڏين تي به ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل آهي.
ترقياتي منصوبن لاءِ 3 هزار 675 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) لاءِ هڪ هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن.
بجيٽ ۾ پاڻي جي منصوبن لاءِ 103 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي وئي آهي. ديامر ڀاشا ڊيم لاءِ 14 ارب، مهمند ڊيم لاءِ 22 ارب ۽ داسو هائيڊرو پاور منصوبي لاءِ 15 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي جي ڪي فور واٽر سپلاءِ منصوبي لاءِ 10 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
صحت جي شعبي لاءِ 25 ارب 10 ڪروڙ رپيا ۽ اعليٰ تعليم لاءِ 46 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کان علاوه عورتن جي صحت سان لاڳاپيل شين ۽ مانع حمل شين تي لاڳو ٽيڪس ختم ڪرڻ جي تجويز پڻ بجيٽ جو حصو آهي.
بجيٽ دستاويزن موجب وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو تخمينو 18 هزار 771 ارب رپيا آهي، جڏهن ته ايف بي آر لاءِ 15 هزار 264 ارب رپين جي ٽيڪس وصولين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.


