واشنگٽن / تهران / ڪويت سٽي: (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري جنگي صورتحال انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري ورتو آهي. آمريڪا پاران ايران تي لڳاتار حملن کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي بجلي گهرن (پاور پلانٽس) کي نشانو بڻائڻ جي کليل ڌمڪي ڏني آهي، جنهن جي جواب ۾ ايراني صدر سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو.
ٻئي طرف ايراني فوج پاران وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي وڏي پيماني تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪويت جي فوج پنهنجي 4 اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.
آمريڪي فوج پاران هرمز جي پٽي ۾ ايراني بندرگاهن تي بحري ناڪابندي لڳائڻ سان گڏ ايران جي اندرين هٿيارن جي ذخيرن ۽ فوجي اڏن تي لڳاتار ڪيترن ئي ڏينهن کان بمباري ڪئي پئي وڃي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تهران کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران فوري طور تي معاهدي تي راضي نه ٿيو ته ايندڙ هفتي ايران لاءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. اسان ايران جا سمورا بجلي گهر (پاور پلانٽس) ۽ پلون تباهه ڪري ڇڏينداسين.
آمريڪي خطرن جي جواب ۾ ايراني صدر سخت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايران آمريڪي غنڊه گردي اڳيان ڪنڌ نه جهڪائيندو ۽ پنهنجي دفاع جو پورو حق رکي ٿو.
ايراني فوج وچ اوڀر ۾ قائم آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هنن اردن ۽ گلف ملڪن ۾ قائم آمريڪي فوجي اڏن تي بيلسٽڪ ميزائل ۽ سوئيپنگ ڊرونز سان ڪامياب حملا ڪيا آهن، جنهن سان آمريڪي فوج کي وڏو نقصان پهتو آهي.
صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايراني پارليامينٽ (مجلس) جو هڪ هنگامي ۽ بند ڪمري ۾ اجلاس گهرايو ويو آهي. اجلاس ۾ ملڪي دفاع، آمريڪي بحري ناڪابندي کي ٽوڙڻ جي حڪمت عملي، ۽ امڪاني وڏي جنگ جي صورت ۾ ايراني فوج جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پارليامينٽ ميمبرن پاران ايراني هٿياربند فوج جي جوابي اپائن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي، ڪويت جي دفاع واري وزارت سرڪاري بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايران پاران ميزائل ۽ ڊرونز کي فضا ۾ روڪيو ويو.
ڪويتي فوجي ترجمان موجب ايران پاران گهٽ ۾ گهٽ 1 بيلسٽڪ ميزائل، 5 ڪروز ميزائل ۽ 33 ڊرون فائر ڪيا ويا.
ڪويتي ايئر ڊيفينس سسٽم ان حملي کي ناڪام بڻايو، پر ان جي ملبي سبب ڪويتي بحري ٻيڙي ۽ فضائي اڏي ويجهو 4 فوجي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
ڪويت پنهنجي شهرين کي ميزائلن جي ملبي کان پري رهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي تصويرون شيئر نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل هن صورتحال سبب عالمي برادري ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي، ۽ تيل جي عالمي منڊي ۾ به تيزي سان بحران وڌڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.

وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ: آمريڪا جا ايران تي حملا، ايران جون جوابي ڪارروايون ۽ ٽرمپ جي نئين ڌمڪي
Leave a Comment Leave a Comment

