ڄامشورو ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، رڪشا ڊرائيور نوجوان قتل

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح): ڄامشورو ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ رڪشا ڊرائيور نوجوان قتل ٿي ويو.

پوليس موجب حيدرآباد جي ڳوٺ نظر محمد بروهي جو رهواسي عبدالرحمان ڄامشورو جي علائقي المنظر ڀرسان موجود هو، جتي اڻڄاتل هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.

زخمي عبدالرحمان کي فوري طور لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پوليس موجب واقعي جو ڪارڻ فوري طور معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment