پيرس ( ويب ڊيسڪ ) فرانس جي اسٽار فٽبالر ڪليان ايمباپي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ سويڊن خلاف ٻن گولن جي مدد سان هڪ نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.
ايمباپي جي ورلڊ ڪپ دوران مجموعي گولن جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جنهن بعد هو فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگرن جي فهرست ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي.
هن جرمني جي اڳوڻي فٽبالر ميروسلاو ڪلوزه جو 16 گولن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هاڻي هو ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي کان صرف هڪ گول پٺتي آهي، جنهن جا ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي طور 19 گول آهن.
ايمباپي هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ به شاندار فارم برقرار رکندي 6 گول اسڪور ڪري چڪو آهي، جنهن سان هو گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ ليونل ميسي جي برابر اچي ويو آهي.
ان کان علاوه ايمباپي فيفا ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر پڻ بڻجي ويو آهي، جتي سندس گولن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.


