ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف تي فائرنگ واري واقعي ۽ گينگسٽرن پاران مبينا ڌمڪين کانپوءِ سپر اسٽار سلمان خان جي سيڪيورٽي به وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اڱاري ڏينهن ممبئي ايئرپورٽ پهچڻ وقت سلمان خان جي چوڌاري هٿياربند سيڪيورٽي اهلڪار موجود هئا، جڏهن ته سندس ذاتي باڊي گارڊ شيرا به ساڻس گڏ هو. اداڪار فوٽوگرافرن آڏو گهڻو وقت بيهڻ ۽ تصويرن لاءِ پوز ڏيڻ بدران تيزيءَ سان ايئرپورٽ اندر هليو ويو.
رپورٽن موجب، آچر ڏينهن ممبئي ۾ فٽبال کيڏڻ کانپوءِ گرائونڊ مان نڪرندي ٽائيگر شروف تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي هئي.
واقعي کانپوءِ جيل ۾ قيد گينگسٽر لارنس بشنوئي جي ساٿي انيل پنڊت ۽ هرمن سنڌو سان منسوب هڪ مبينا آڊيو پيغام گردش ڪرڻ لڳو، جنهن ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب، آڊيو پيغام ۾ اهو به دعويٰ ڪيو ويو ته ٽائيگر شروف کي اڳ ۾ به خبردار ڪيو ويو هو.
مبينا ڌمڪيءَ ۾ فلم انڊسٽريءَ کي خبردار ڪندي چيو ويو ته جيڪو به سلمان خان سان گڏ ڪم ڪندو، ان کي به اهڙن نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ڀارتي ميڊيا موجب، انهن ڌمڪين ۽ فائرنگ واري واقعي کانپوءِ سلمان خان جي رهائشگاهه ٻاهران به سيڪيورٽي ۾ غيرمعمولي اضافو ڪيو ويو آهي.


