Focus with Zardari

ٽنڊوالهيار: سرڪاري پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

1 Min Read

ٽنڊوالهيار (رپورٽر) مسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد خان آريسر جي رهواسين ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سرڪاري پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش خلاف دانهيو.

احتجاج ڪندڙن الزام لڳايو ته ڪجهه بااثر ماڻهو کين پلاٽ تان لڏائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن ۽ ٻارن کي اسڪول وڃڻ کان به روڪيو پيو وڃي. هنن اعليٰ اختيارين ۽ ضلعي انتظاميا کان معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment