Focus with Zardari

گمبٽ: لوڊر ڪارگو ڊرائيور کان ڏينهن ڏٺي جو ساڍا 4 لک روپيا ڦر

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) ڀارو ٿاڻي جي حد ريڍر لاشاري ڀرسان کڙا رپڙي روڊ تي هٿياربندن لوڊر ڪارگو ڊرائيور محمد ياسين ميمڻ کي يرغمال بڻائي ساڍا 4 لک روپيا ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

متاثر موجب هو رپڙي جي دڪاندارن جي ڪيش رقم کڻي گمبٽ مان سامان کڻڻ وڃي رهيو هو ته پويان ايندڙ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کيس روڪي ڦر ڪئي. اطلاع تي ڀارو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا، جڏهن ته علائقي واسين موجب روڊ تي ڦر جون وارداتون معمول بڻيل آهن.

Share This Article
Leave a Comment