ٽنڊوالهيار (صابر حسين لغاري) چمبڙ ٿاڻي جي حد ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
فاضل اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ ڪارو پٽيل ۾ 22 ورهين جي جيرو ڪولهي گهرو اڻبڻت تان گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. نوجوان جي آپگهات جو ڪارڻ گهرو اڻبڻت ٻڌايو پيو وڃي.


