Focus with Zardari
اهم خبرون

ٽنڊو آدم: ڪوچ ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر، ٻار ۽ عورت سميت 4 ڄڻا فوت، 4 زخمي

1 Min Read

ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو آدم–جهول روڊ تي رات دير سان مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻار ۽ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ٻارن ۽ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ فوتين ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال ٽنڊو آدم منتقل ڪيو ويو. شروعاتي اطلاعن موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جتي ڪار نمبر AAKP-634 مسافر ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي جو شڪار ٿيل سمورن ماڻهن جو تعلق مبينا طور ضلعي مٽياري جي تعلقي سعيد آباد ڀرسان ڳوٺ بلال کوسو سان ٻڌايو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment