دوها ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، ترڪي، قطر ۽ انڊونيشيا دفاعي ۽ سلامتيءَ جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ’بدر مفاهمتي يادداشت‘ تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
ترڪ وزارتِ دفاع موجب، ترڪي جي قومي دفاع واري وزير ياشار گولر جي قطر جي دوري دوران چئنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي صنعتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
معاهدي تي پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف، ترڪي جي قومي دفاع واري وزير ياشار گولر، قطر جي نائب وزيراعظم ۽ دفاعي معاملن واري مملڪتي وزير شيخ سعود بن عبدالرحمٰن بن حسن الثاني ۽ انڊونيشيا جي نائب بچاءَ واري وزير يوسف جوهري صحيحون ڪيون.
ترڪ دفاعي صنعتي اداري موجب، ’بدر مفاهمتي يادداشت‘ ذريعي چئنهي ملڪن وچ ۾ اڳتي هلي هلندڙ دفاعي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ سهڪار کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
هن اڳڀرائي کي چئنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سلامتيءَ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي.


