ڄامشورو: (ويب ڊيسڪ) سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان عاطف جي صدارت هيٺ بورڊ آف گورنرس جي اجلاس ۾ قطر ۾ موجود بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تاريخي رڪارڊ ۽ سنڌ آرڪائيوز ۾ موجود ناياب ادبي مواد حاصل ڪرڻ، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريسرچ لائبريري، شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسڪالرس هاسٽل ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڪتاب گهر حيدرآباد جي منصوبن کي ٻيهر سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پي سي ون تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ بورڊ جي مالي مسئلن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي گرانٽ ۾ واڌ جي درخواست ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو، جيئن اداري جون ادبي، تحقيقي ۽ اشاعتي سرگرميون جاري رکي سگهجن.
اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن ڊاڪٽر صاحب عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر ڪريم خواجه، ميڊم نذير ناز، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پُلي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چيو ويو ته ناياب تاريخي دستاويزن کي محفوظ ڪرڻ ۽ تحقيق لاءِ دستياب بڻائڻ سان سنڌ جي تاريخي ۽ ادبي ورثي کي هٿي ملندي، جڏهن ته ترقياتي منصوبن جي ٻيهر منظوري سان تحقيق، علمي سهولتن ۽ سنڌي ڪتابن تائين رسائيءَ جا موقعا وڌي سگهندا.


