اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پنهنجي دفاعي صنعت ۾ هڪ اهم اڳڀرائي ڪندي ملڪ اندر تيار ڪيل فضا کان فضا ۾ مار ڪندڙ جديد ميزائل ’فاذ‘ جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فاذ ميزائل مڪمل طور تي مقامي سطح تي تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو جديد ٽرمينل گائيڊنس سسٽم سان ليس آهي ۽ ڊگهي فاصلي تائين دشمن جي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فاذ ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي قومي ايرو اسپيس ۽ دفاعي صلاحيتن جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هي ميزائل پاڪ فضائيه جي آپريشنل لچڪ ۾ نمايان اضافو ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي مجموعي دفاعي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.
دفاعي صنعت ۾ خودانحصاريءَ ڏانهن اهم اڳڀرائي
آءِ ايس پي آر موجب، فاذ ميزائل جو ڪامياب تجربو پاڪستان جي دفاعي صنعت جي فني پختگي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ خودانحصاريءَ جي صلاحيتن جو عڪاس آهي.
مقامي سطح تي اهڙي جديد دفاعي نظام جي تياري کي ملڪ جي ايرو اسپيس شعبي لاءِ اهم ڪاميابي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن سان دفاعي ٽيڪنالاجيءَ ۾ قومي صلاحيتن کي وڌيڪ هٿي ملڻ جي اميد آهي.
سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو
آءِ ايس پي آر موجب، ميزائل جي تجربي جو مشاهدو پاڪ فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏ ملڪ جي نامور سائنسدانن ۽ انجنيئرن پڻ ڪيو.
ان موقعي تي صدر مملڪت، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن ميزائل جي تياريءَ ۾ حصو وٺندڙ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني.


