پاڪستان عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به شڪست

1 Min Read

دمبولا: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا جي دوري دوران ون ڊي سيريز کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

پاڪستان ٽيم آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏني، پر ميزبان ٽيم سيريز 2-1 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

فاطمه ثنا جي قيادت ۾ پاڪستان ٽيم ون ڊي سيريز 1-2 تان هارائي، جڏهن ته منيبا علي جي ڪپتاني هيٺ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به ناڪامي ملي.

آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪا 6 وڪيٽن تي 113 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان 19هين اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شوال ذوالفقار 132 رنسن سان پاڪستان جي بهترين بيٽر رهي، جڏهن ته منيبا علي 106 رنسون ٺاهيون.

ون ڊي سيريز ۾ سدره امين 217 رنسون ۽ گل فيروز 145 رنسون ٺاهي نمايان رهيون.

Share This Article
Leave a Comment