Focus with Zardari
اهم خبرون

پاڪستان ٽه ملڪي سيريز جو فائنل کٽي ورتو، سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست

2 Min Read

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان، سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان سريلنڪا کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن کانپوءِ سريلنڪا مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 325 رنسون ٺاهيون.

سريلنڪا طرفان ڪميندو مينڊس شاندار بيٽنگ ڪندي 131 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 12 چوڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته پون رتنايڪي 77 ۽ اوشڪا فرنانڊو 38 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان طرفان سلمان آغا، شاهين آفريدي، حارث رؤف ۽ نسيم شاهه 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

- Advertisement -

326 رنسن جو هدف پاڪستان 49هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستان طرفان فخر زمان 127 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته سعد بيگ 74 ۽ عرفات منھاس 61 رنسون ٺاهيون. حسن نواز 37 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پاڪستان ٽه ملڪي سيريز ۾ فائنل سميت مجموعي طور 5 ميچون کيڏيون، جن مان 4 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته هڪ ميچ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

هن ڪاميابي سان پاڪستان پهريون ڀيرو پنهنجي هوم گرائونڊ تي انٽرنيشنل ايونٽ جو ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

واضح رهي ته پاڪستان آخري ڀيرو 2008ع ۾ بنگلاديش ۾ کيڏيل ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جو فائنل ڀارت کي شڪست ڏئي کٽيو هو.

Share This Article
Leave a Comment