پاڪستان ۾ ٻارن خلاف ڏوهن جا 1914 ڪيس، 80 سيڪڙو پنجاب ۾ رپورٽ

1 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) ٻارن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ساحل جنوري کان جون 2026ع تائين ٻارن خلاف ڏوهن بابت ڇهن مهينن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ملڪ اندر 1914 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب انهن ڪيسن ۾ 1015 ٻارن جي جنسي استحصال، 558 اغوا، 101 گمشدگي ۽ 35 گهٽ عمر شادين جا واقعا شامل آهن، جڏهن ته 98 ڪيسن ۾ جنسي زيادتي کانپوءِ ٻارن جي فحش مواد ٺاهڻ جا واقعا پڻ رڪارڊ ڪيا ويا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته متاثر ٻارن مان 58 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 42 سيڪڙو ڇوڪرا هئا. سڀ کان وڌيڪ متاثر 11 کان 15 سالن جي عمر جا 598 ٻار ٿيا.

ساحل موجب 43 سيڪڙو ڪيسن ۾ جوابدار ٻارن جا سڃاتل ماڻهو هئا، جڏهن ته 34 سيڪڙو واقعن ۾ جوابدار اڻڄاتل هئا. لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو واقعا ٻارن جي پنهنجن گهرن ۾ پيش آيا.

رپورٽ مطابق پنجاب مان سڀ کان وڌيڪ 80 سيڪڙو، سنڌ مان 15 سيڪڙو، جڏهن ته ٻين علائقن مان 5 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا. مجموعي ڪيسن مان 89 سيڪڙو پوليس ۾ داخل ڪيا ويا.

Share This Article
Leave a Comment