اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ قابلِ دست اندازي ڏوهه ( جنهن ڏوهه تي پوليس کي سڌي ريت ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار هجي( ان جو اطلاع ملڻ تي فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت 2012ع ۾ دادو ۾ ٿيل قتل ڪيس ۾ جوابدار علي رضا جي نظرثاني درخواست رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل عمر قيد جي سزا برقرار رکي.
7 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته قابلِ دست اندازي ڏوهه جي اطلاع ملڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ بنا جواز دير نه ٿيڻ گهرجي. عدالت موجب دادو جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي واقعي جي ڄاڻ هئڻ باوجود ٽن ڏينهن جي دير سان ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تي عدالت سختي سان نوٽيس ورتو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. ٽرائل ڪورٽ دير جو نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته دير ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو کاتي جي ڪارروائي لاءِ آءِ جي ڏانهن به موڪلي سگهجي ٿو.
سپريم ڪورٽ واضح ڪيو ته ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير کي رڳو انتظامي بي قاعدگي سمجهي نظرانداز نه ڪيو وڃي. عدالت چيو ته آءِ جي، ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ڊي پي او سميت لاڳاپيل آفيسرن خلاف به ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.
عدالت سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل کي حڪم ڏنو آهي ته پهرين جنوري 2025ع کان هن وقت تائين قتل جي انهن سمورن ڪيسن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن، جن ۾ 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ دير سان ڪيس داخل ٿيو. تفصيل ضلعي وار ٻن مهينن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ وڌيڪ چيو ته اڳوڻي محمد بخش ڪيس ۾ ڏنل حڪمن تي عمل نه ڪندڙ اعليٰ آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. عدالت محمد بخش ڪيس جي فيصلي جو سنڌي ترجمو ڪري عدالت جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.


