اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي
پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 41 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 415 رپيا 83 پيسا في ليٽر ٿي وئي.
پڌرائي موجب پيٽرول جي قيمت ۾ به 4 رپيا 10 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 384 رپيا 34 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
پڌرائي مطابق پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 16 سيپٽمبر کان لاڳو ٿينديون.


